ٽوڪيو -09 آڪٽوبر (اي پي پي) جاپان جي پرڏيهي وزير ڪامي ڪاوايوڪو فلسطين جي عسڪريت پسند گروپ حماس طرفان اسر??ئي?? خلاف حملن بعد سمورين ڌرين تي زور ??ريو آهي ته تحمل کان ڪم ورتو وڃي. جاپان جي خابرو اداري مطابق جاپان جي پرڏيهي وزير ميڊيا سان ڳاله??ئي??دي چيو ته هو حماس ۽ ٻين فلسطيني عسڪريت پسندن طرفان غزه پٽي تان اسر??ئي?? تي ??يل راڪيٽ حملن جي سخت مذمت ڪئي. هن چيو ته ان سبب ڪري بيگناهه عام شهرين کي نقصان پهتو آهي. هن اها نشاندهي به ڪئي ته اطلاعن مطابق حماس ۽ ٻين ڪيترن ئي ماڻهن کي اغوا پڻ ڪيو آهي، انهن جي جلد کان جلد آزادي کي يقيني بڻايو وڃي. جاپان جي پرڏيهي وزير غزه ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي مارجڻ ۽ زخمي ٿيڻ جو سبب بڻجندڙ اسر??ئي?? فوج جي حملن بعد پڻ سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن سڀني لاڳاپيل ڌرين تي زور ??ريو ته هو وڌيڪ نقصان ۽ فوتگين کان بچڻ لاءِ انتهائي تحمل جو مظاهرو ڪن.
حماس طرفان اسرائيل تي حملي جي معاملي تي تحمل کان ڪم ورتو وڃي: جاپان جي پرڏيهي وزير جي اپيل
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے فوائد