ماپوتو-11 اپريل (اي پي پي) موزمبيق ۾ ڪالرا جي خوف کان ڀڄندڙ 96 ماڻهو ٻيڙي ٻڏڻ سبب فوت ٿي ويا. اي ايف پي مقامي عملدارن جي حوالي سان ٻڌايو ته آفريق?? ملڪ موزمبيق جي ات??ين سامونڊي پٽي تي هڪ ٻيڙي ٻڏڻ سبب 96 ڄڻا فوت ٿي ويا. نمپولا جي سيڪريٽري آف اسٽيٽ جائم نيتو چيو آهي ته اڪثر ماڻهو ڪالرا جي باري ۾ غلط ڄاڻ سبب خوف جو شڪار هئا جنهن سبب ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. هن چيو ته ٻيڙي ۾ تقريبن 130 ڄڻا سوار هئا. هن چيو ته ٻيڙي ۾ گنجائش کان وڌيڪ ماڻهو سوار هئا، هي مسافرن کي کڻي وڃڻ لاءِ موزون نه هئي ان لاءِ ٻڏي وئي، ان ۾ 91 ڄڻا پنهنجي زندگين تان هٿ ڌوئي ويٺا، مري ويلن ۾ ٻ??ر به شامل آهن. موزمبيق جي سرڪاري انگن اکرن ڏکڻ آفريق?? ملڪ موزمبيق جيڪو دنيا جي غريب ت??ين ملڪن مان هڪ آهي، ۾ آڪٽوبر کان هن وقت تائين ??اڻي مان پکيڙيل بيماري سبب تقريبن 32 هزار ماڻهو فوت ٿي ويا جڏهن ته 15هزار ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.
موزمبيق ۾ ڪالرا جي خوف کان ڀڄندڙ 96 ماڻهو ٻيڙي ٻڏڻ سبب فوت
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے فاتحین