گڏيل قومون-23 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ع??لم?? برادري تي زور ڀريو آهي ته هو گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ ووٽنگ ذريعي ڪشميري عوام جي خود اراديت وارو حق حاصل ڪرڻ ۽ سندن انساني حقن جي خلاف ورزين جو سلسلو ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪري. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عثمان جدون والاريل فلسطين جي سنگين صورتحال تي به خيالن جو اظهار ڪيو. پاڪستاني نمائندي جنرل اسيمبلي جي ٽئين ڪميٽي ۾ انساني حقن کي هٿي ۽ تحفظ جي موضوع تي مباحثي دوران ٻڌايو ته والاريل فلسطيني علائقن ۾ غير قانوني وسندين جي توسيع، اسرائيلي قابض فوج طرفان طاقت جي استعمال ۽ غزه جي ناڪه بندي سنگين خلاف ورزيون آهن جيڪي ع??لم?? برادري جي فوري ڌيان جون گهرجائون آهن. هن وقت جاري جنگ ۾ فلسطيني عوام خلاف انسانيت خلاف ڏوهن جو خاتمو ٿيڻ گهرجي. پاڪستاني نمائندي چيو ته ڀ??رت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ به ضرورت کان وڌيڪ طاقت جو استعمال، جبري گمشدگيون، من ماني، نظ??بن??يون ۽ اظهار راءِ جي آزادي تي پابنديون گڏيل قومن جي انساني حقن ۽ انساني حقن واري ڪائونسل بابت هاءِ ڪمشنر وٽ ٻن درجن کان وڌيڪ رپورٽن ۾ داخل آهن. هن چيو ته اهي خلاف ورزيون 5 آگسٽ 2019ع کان ڀ??رت جي هڪطرفي ۽ غير قانوني قدمن کانپوءِ شدت اختيار ڪري ويون آهن جن جو مقصد ڄمون ڪشمير تي ڀارتي حڪومت جي ناپاڪ حت??ي حل مڙهڻ آهي. نمائندي چيو ته ع??لم?? برادري اڪثر شهري ۽ سياسي حقن تي زور ڀريندي آهي پر اقتصادي، سماجي ۽ ثقافتي حقن کي ترجيح نٿي ڏني وڃي، اهو عدم توازن نه رڳو ناانصافي آهي پر اڻبرابري کي به هوا ڏئي ٿو. تعليم، صحت، باعزت روزگار ۽ مناسب زندگي جي معيار جو حق به ايترو ئي بنيادي آهي. ان لاءِ انساني حقن جي خلاف ورزين جي بنيادي سببن جهڙوڪ غربت، بک ۽ اڻبرابري تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. پاڪستاني نمائندي ڀ??رت کي دهشتگردي جو مرڪز قرار ڏيندي چيو ته ڀارتي اڳواڻ پنهنجي رياستي سرپرستي جي پاليسي تي عمل پيرا آهن. ( ٽي ٽي پي) تحريڪ طالبان پاڪستان ۽ (بي ايل اي) بلوچستان لبريشن آرمي جهڙين دهشتگرد تنظيمن کي فنڊنگ ۽ هٿيا??بن?? ڪري رهيا آهن. انهن تنظيمن جي پاڪستان اندر دهشتگرد حملن ۾ هزارين بي گناهه عورتون، مرد ۽ ٻار شهيد ٿيا، ڪلڀوشن ياديو جهڙن ايجنٽن سڄي پاڪستان ۾ دهشتگردي ۽ تشدد پکيڙيو ۽ ڀ??رت جي دهشتگرد فرنچائيز هاڻي علائقائي ۽ ع??لم?? سطح تي هلي وئي آهي. پاڪستاني نمائندي ان موقعي تي ڀ??رت ۾ منظم امتيازي سلوڪ، نفرت انگيز ڏوهن ۽ 20 ڪروڙ کان وڌيڪ مسلمانن تي جاري ظلم ۽ ستم جو به حوالو ڏنو. هن چيو ته ڀ??رت ۾ مسلمانن جي نسل ڪشي جي عوامي مطالبن، گجرات، ممبئي ۽ دهلي ۾ هزارين بي گناهه مسلمانن جو قتل، مذهب جي جبري تبديلي، بابري مسجد سميت سوين مسجدن جي بي حرمتي ۽ انهن جي جاين تي مندرن جي تعمير، امتيازي شهريت ترميمي قانون ۽ لو جهاد جي قانونن ۽ سياسي اڳواڻن طرفان نفرت ڦهلائيندڙ تقريرون، مسلمانن کي گرين وائرس چوڻ ڀ??رت ۾ معمول بڻجي ويو آهي.
عالمي برادري ڪشميري عوام جي خودمختياري وارو حق حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪري: پاڪستاني نمائندو
مضمون کا ماخذ : sorteos da loteria