تهران _26 نومبر (اي پي پي ) ايران جي رهبر اعليٰ علي خامنه اي چيو آهي ت?? ڏوهن واري عالمي عدالت جا غزه ۾ جنگي ڏوهن سبب اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو لاءِ گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ ڪافي ناهن، نيتن ياهو کي موت جي سزا ڏيڻ گهرجي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ، علي خامنه اي ت??ران ۾ پاسدارن انقلاب جي مليشيا فورس (بسيج ) جي م??مب??ن کي خطاب ڪندي غزه ۽ لبنان ۾ اسرائيل جي انسانيت خلا?? ڏوهن جي نشاندهي ڪندي چيو ته نيتن ياهو خلاف گرفتاري جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي ، اهو ڪافي ناهي کيس موت جي سزا ڏني وڃي . اسرائيلي قيادت جيڪا ان ڪم جي سربراهه آهي ان لاءِ موت جي سزا جو فيصلو هجڻ گهرجي. شهرين جي رهائشي علائقن تي بمباري ت?? رد عمل ظاهر ڪندي ايراني اڳواڻ چيو ته غزه ۽ لبنان ۾ ماڻهن جي گهرن تي بمباري ڪا فتح ناهي ، بيوقوف ماڻهو اهو سمجهن ٿا ته عوام جي گهرن ۽ اسپتالن تي بمباري ڪري انهن فتح حاصل ڪري ورتي آهي . ڪو به ان کي فتح ن??و سمجهي اهي جيڪو ڪجهه ڪري رهيا آهن. فتح ناهي جنگي ڏوهه آهي .عالمي عدالت 21 نومبر تي پنهنجي فيصلي ۾ اعلان ڪيو هو ته غزه ۾ جنگي ڏوهه ۽ انسانيت خلا?? ڏوهن سبب اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ۽ اڳوڻي دفاع واري وزير يوآئو گيلنٽ لاءِ گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا آهن.
اسرائيل جي وزيراعظم جي سزا ڦاهي آهي: ايران
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز