اسلام آباد – 05 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ بيلاروس ائٽمي توانائي جي شعبي ۾ تعاون ڪرڻ ۽ ڪنهن ٽئين ملڪ جي شموليت سان ٽه ڌريي واپاري نظام جوڙڻ تي اتفاق ڪيو آهي. بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪا شنڪو وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات کانپوءِ وزيراعظم نواز شريف سان گڏجي گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته بيلاروس ۽ پاڪستان پرامن ذريعن جي لاءِ ائٽمي توانائي جي ميدان ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته ٻئي ملڪ ڪنهن ٽئين ملڪ کي شامل ڪري پنهنجي واپاري حيثيت کي سگهه ڏئي سگ??ن ٿا. هن وزيراعظم محمد نواز شريف سان پنهنجي ڳالهين کي انتهائي تعميري قرار ڏيندي چيو ته اهي ڳالهيون گذريل سال پاڪستان ??ي سندس دوري دوران ??کيل دوستي جي بنياد کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي مرڪوز رهيون. هن چيو ته بيلاروس پاڪستان کي پنهنجي هڪ پاڙيسري ملڪ سان گڏوگڏ لاڳاپن ۾ درپيش مشڪل وقت کان ??گاهه آهي. پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ واري صورتحال جي حوالي سان هن چيو ته ڊيئر شريف توهان ??يلاروس جي موقف کان ??گاهه آهيو جيئن ته هو مسئلي جو پرامن حل جو خواهشمند آهي.
وزيراعظم ۽ بيلاروس جي صدر جو گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی