ڪراچي – 03 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي سالگرهه جي مناسبت سان وفاقي حڪومت هفته قائداعظم 19 ڊسمبر کان 25 ڊسمبر تائين ملهائيندي جنهن ۾ مختلف پروگرامز منعقد ڪي?? ويندا. اها ڳالهه هن باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي صحافين سان ڳالهائيندي چئي. ان کان اڳ مملڪتي وزير مريم اورنگزيب باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري ڀر??، قبر تي گلن ج?? چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي ۽ مهمانن ج?? ڪتاب ۾ پنهنج?? تاثر لکيا.
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نتائج