اسلام آباد – پهرين مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پاڪستان جي پارلياماني وفد جي افغانستان جي دوري تي ??طمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان خطي ۾ امن جي فروغ جو خواهشمند آه??، افغان قيادت پاڪستان سان لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ قدمن جو يقين ڏياريو آهي، ٻئي ملڪ مثالي لاڳاپن جي خواهش رکن ٿا، افغان حڪومت ۽ عوام مزار شريف جي واقعي تي ??در جي مذمتي پيغام کي ساراهيو آه??، افغانستان جو صدر اشرف غني ۽ پارليامينٽ ميمبر جلد پاڪستان جو دورو ڪندا. ??ين??ير ڀٽو انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي وطن واپس اچڻ جي موقعي تي ??حافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته هن دوري دوران پاڪستان جي سموري سياسي قيادت پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ بامقصد حصيداري جو پيغام ڏنو آهي ۽ واضح ڪيو آهي ته هي وقت آهي ته اسان گڏيل اعتماد جي ماحول ۾ اڳتي وڌون.
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک