اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) وزي??اع??م محمد نواز شريف چيو آهي ته هن هڪ هڪ پائي جو حساب ڏئي ڇڏيو آهي، اسان تي سرڪاري ناڻي جي گهپلن يا ڪرپشن جا الزام نه آهن پر شريف خاندان جي نجي ۽ ذاتي ڪاروبار ۽ معاملن کي الجهايو ۽ اڇاليو پيو وڃي، ملڪ ۾ شريف خاندان کانسواءِ ڪو اهڙو خاندان نه آهي جنهن جي ٽن نسلن جو بي رحماڻو احتساب ٿيو هجي، نه ته اڳ ۾ اسان جي دامن تي ڪو ڪرپشن جو داغ هو نه ئي هاڻي ائين ٿيندو، مخالف جيترا چاهين الزام هڻن، سازشون ڪن، اهي ناڪام ٿيندا، ايندڙ سال 20 ڪروڙ عوام جي وڏي عدالت ۽ وڏي جي آءِ ٽي لڳڻ واري آهي جيڪا 2013ع کان به وڌيڪ جوش ۽ ج??بي سان اسان جي حق ۾ فيصلو ڪندي. پاناما دستاويزن جي جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ پاران جوڙيل جي آءِ ٽي آڏو پيش ??يڻ کانپوءِ جڊيشل ڪميشن اڪيڊمي ٻاهران اٽڪل ٽن ڪلاڪن کان انتظار ڪندڙ صحافين سان ڳالهائيندي وزي??اع??م چيو ته هو جي آءِ ٽي آڏو پنهنجو موقف پيش ڪرڻ آيو آهي، هن چيو ته منهنجي سمورن اثاثن ۽ وسيلن جا دستاويز اڳ ۾ ئي لاڳاپيل ادارن سميت سپريم ڪورٽ وٽ موجود آهن، اڄ مون هڪ ڀيرو ٻيهر اهي سڀ دستاويز جي آءِ ٽي کي ڏنا آهن، هن چيو ته آئون سمجهان ٿو ته آئين ۽ ??ان??ن جي سربلندي جي حوالي سان اڄوڪو ڏين??ن سنگ ميل جو درجو رکي ٿو، منهنجي حڪومت ۽ منهنجي سموري خاندان پنهنجو پاڻ کي احتساب جي لاءِ پيش ڪري ڇڏيو آهي.
هڪ هڪ پائي جو حساب ڏئي ڇڏيو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی