گهوٽڪي / اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان جو آئين سمورن شهرين کي مذهبي آزادي ڏي ٿو، پاڪستان ۾ سمورن مذهبي اقليتن کي برابري جا حق حاصل آه??، مذهبي آزادين جي خلاف ورزين جي حوالي سان آمريڪي الزام تي حيرانگي ٿي، آمريت ۾ مسئلا دٻايا وڃن ٿا، جمهوريت هلندي رهندي ته سمورا مسئلا حل ٿيندا، مسلم ليگ (ن) جي پليٽ فارم تان ڪنهن سان به غيرشائسته رويو ممڪن ئي نه آهي. گهوٽڪي ۾ هندو برادري جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته اسلام امن جو دين آهي، اڄ جي دنيا هڪ ڏکي دنيا آ??ي پر دين جو سفر سدائين جاري رهندو. قائداعظم چيو هو ته توهان آزاد آهيو، توهان آزادي سان مسجد??، مندرن ۽ پنهنجي عبادتگاهن ۾ وڃي سگهو ٿا.
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ