اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ڪشمير سان ??ڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي ۽ ڪشمير ڪائونسل جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪرڻ جي سعادت حاصل ٿي جيڪا منهنجي لاءِ هڪ اعزاز جي ڳالهه آهي، توهان ??ڪ اهڙي غيرتمند قوم جي نمائندگي ڪريو ٿا جنهن تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن، انهن جون لازوال قربانيون اسان سڀني جي لاءِ فخر جوڳيون آهن، اسان کي آزادي جي جدوجهد ۾ مصروف ماڻهن جي مشڪلاتن جي خبر آهي، پاڪستان حڪومت ڪشمير تڪرار جي پرامن حل ۽ آزاد ڪشمير جي ترقي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، اهل پاڪستان ۽ اهل ڪشمير جون دليون گڏ ڌڙڪن ٿيون ۽ صديون پراڻو اهو رشتو سدائين قائم رهندو. هن چيو ته حڪومت آزاد ڪشمير جي بجيٽ ?? ترقياتي بجيٽ ٻيڻي ??ئي آهي جڏهن ته مانسهره کان ??ظفرآباد تائين رستي جي منصوبي کي سي پيڪ ۾ شامل ڪيو ??يو آهي. مظفرآباد ۾ آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي ۽ ڪشمير ڪائونسل جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڊگهي عرصي تائين اپوزيشن جي سياست ??ئي آهي ۽ اپوزيشن جي سوچ کان ??اقف آهيان.
پاڪستان حڪومت ڪشمير تڪرار جي حل ۽ ترقي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔