تهران-16 جنوري (اي پي پي) ايران عراق ۾ اسرائيل جي جاسوسي هيڊ ڪوارٽ?? کي بيلسٽڪ ميزائلن سان نشانو بڻايو آهي. رائٽرز مطابق ايران جي سرڪاري ميڊيا جي حوالي سان رپورٽ ڪ??و ويو آهي ته ايراني پاسداران انقلاب فور?? عراق جي نيم خودمختار علائقي ڪرد??تا?? ۾ اربيل ۾ اسرائيل جي جاسوسي هيڊ ڪوارٽر تي حملو ڪيو آهي. پاسداران انقلاب هڪ بيان ۾ اسرائيل جي جاسوسي ايجنسي موساد جو نالو کڻي چيو آهي ته جاسوسي جي مرڪز?? ۽ ??طي ۾ ايران مخالف دهشتگرد گروهن کي اجتماعن کي تباهه ڪرڻ لاءِ بيلسٽڪ ميزائلن جو استعمال ڪيو آهي. بيان ۾ وڌيڪ چ??و ويو آهي ته اربيل جي اتر اوڀر ۾ آمريڪي قونصل خاني ويجهو هڪ رهائشي علائقي ۾ انهن حملن کان علاوه ايران ۾ دهشتگرد ڪارروايون ڪندڙ فردن جن ۾ داعش جا ڪارڪن به شامل آهن، خلاف حملا شروع ڪيا آهن. هوڏانهن آمريڪا جي ٻن عهديدارن رائٽرز کي ٻُڌايو آهي ته ميزائل حملن سبب آمريڪي ٺڪاڻن متاثر ناهن ٿيا. ايران آمريڪا تي الزام لڳايو آهي ته هو غزه ۾ اسرائيل جي ڏوهن جي پٺڀرائي ڪري رهيو آهي.
ايران جي پاسداران انقلاب طرفان ڪردستان ۾ اسرائيل جي جاسوسي هيڊ ڪوارٽر تي بيلسٽڪ ميزائلن سان حملو
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا جیک پاٹ