جنيوا-28 مارچ (اي پي پي) جنيوا ۾ قائم پناهگيرن بابت عالمي اداري چيو آهي ته 2023ع دوران 62 هزار 285 کان وڌيڪ غيرقانوني پناهگير فوت يا گم ٿيا. شنهوا موجب اداري پنهنجي سالياني رپورٽ ?? ٻڌايو ته 62 هزار 285 غير قانوني پناهگيرن مان 28 هزار 854 بابت خيال ڪيو و??ي ٿو ته اهي آفريقي يا ايشيائي هئا جيڪي روم سمنڊ پار ڪرڻ جي ڪوشش ۾ پنهنجي زندگي وڃائي ويٺا، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جن پناهگيرن جي سڃاڻپ ٿي سگهي آهي انهن مان هڪ ڀاڱي ٽي کان وڌيڪ جو تعلق افغانستان، برما، شام ۽ ايٿوپيا جهڙن ملڪن سان هو، جتي هٿياربند جهڙپون ٿي رهيون آهن. ٻئي پاسي آءِ او ايم جي انگن اکرن مان خبر پوي ٿي ته گذريل ڏهاڪي ۾ غير قانوني پناهگيرن لاءِ سڀ کان خطرناڪ سال 2023ع رهيو، خاص طور تي روم سمنڊ ۾ فوتگين جي ا??گ ۾ تيزي سان اضافي سبب گذريل سال 8 هزار 541 غير قانوني پناهگير پنهنجون زندگيون وڃائي ويٺا.
62 هزار کان وڌيڪ غير قانوني پناهگير 2023ع دوران فوت يا گم ٿيا: پناهگيرن بابت عالمي ادارو
مضمون کا ماخذ : جنگل کے راز