گڏيل قومون _14 جون (اي پي پي ) گڏيل قومون چيو آهي ته فلسطين سميت سڄي دنيا ۾ جبري ب?? گهر ماڻهن جي انگ ۾ اضافو 2023 ع دوران نئين تاريخي سطح تائين پهچي ويو آهي . انڊيپنڊٽ اردو گڏيل نيوز مطابق قومن جي ??نا??گيرن جي اداري يو اين ايڇ سي آر جي 2024ع جي گلوبل ٽرينڊ رپورٽ جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته مجموعي طورتي مئي 2024 ع تائين 12 ڪروڙ ماڻهو سڄي دنيا جي ملڪن ۾ جبري طورتي ب?? گهر ٿيا ، ان اضافي ۾ اهو رجحان مسلسل 12 سالن ۾ ڏٺو ويو آهي جيڪو تڪرارن ۽ پراڻن بح??انن کي حل ڪرڻ ۾ ناڪامي جي ترجماني ڪري ٿو . انهن سمورن بي گهر ماڻهن کي گڏ ڪيو وڃي ته اهو انگ دنيا جي 12هين سڀ ک??ن وڏي ملڪ جاپان جي آبادي جيترو آهي . ان انگ اکرن ۾ ڇرڪائيندڙ اضافي جو اهم سبب سوڊان ۾ تباهي جوڳو تڪرار آهي جتي اپريل 2023ع کان 71 لک کان وڌيڪ نوان ماڻهو بي گهر ٿيا جڏهن ته 19 لک پهريان ئي ??نا??ه جي ڳولا ۾ پرڏيهه لڏ پلاڻ ڪري ويا آهن . 2023ع جي آخر ۾ مجموعي طورتي هڪ ڪروڙ 8 لک سوڊاني بي گهر ٿيا . رپورٽ مطابق ان وڌندڙ انگ جي پويان انساني الميو لڪيل آهي . گڏيل قومون جي ??نا??گيرن بابت هاءِ ڪمشنر فليپوگراندي جو چوڻ آهي ته انهن مسئلن کي نظر ۾ رکندي عالمي برادري کي جبري ب?? دخلي جي ب??يادي سببن کي منهن ڏيڻ لاءِ فوري طورتي سرگرم ڪرڻ گهرجي . هن وڌيڪ چيو ته اهو ئي وقت اهي ته سرگرم ڌريون جنگ جي ب??يادي قانون ۽ عالمي قانون جو احترام ڪن . هن چيو ته ??نا??گيرن جي اڪثريت پنهنجي روسي پاڙيسري ملڪ ۾ رهندڙ آهي . جنهن مان 75 سيڪڙو ??نا??گير گهٽ ۽ وچولي آمدني وارن ملڪن ۾ رهندڙ آهن . رپورٽ ۾ موسمياتي بح??ان تي نوان تجربا پڻ پيش ڪيا ويا آهن جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اهو بح??ان ڪهڙي طرح تيزي سان ۽ غير مناسڀ طورتي ب?? گهر ٿيندڙ ماڻهن کي متاثر ڪري رهيو آهي .
فلسطين سميت سڄي دنيا ۾ جبري بي گهر ماڻهن جو انگ 2023ع ۾ نئين تاريخي سطح تي پهچي ويو : گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : melhores loterias do Brasil