واشنگٽن -04 نومبر (اي پي پي) عالمي بئنڪ توانائي، زرعي ۽ غذائي شين جي قيمتن ۾ جاري ۽ ايندڙ سالن دوران گهتتائي ج?? اڳڪٿي ڪئي آهي. اها ڳالهه عالمي بئنڪ جي ”ڪموڊٽي مارڪيٽس آئوٽ لڪ“ جي نالي سان جاري تازي رپورٽ ۾ چئي آهي. رپورٽ موجب جاري سال دوران برينٽ تيل جي سراسري قيمت 80 ڊالر في بيرل، 2025ع ۾ 73 ڊالر ۽ 2026ع ۾ 72 ڊالر في بيرل رهڻ ج?? امڪان آهي. جيو پوليٽڪل تڪرار خاص ڪري وچ اوڀر جي صورتحال سبب تيل جي قيمتن ۾ اضافي جو خدشو ??هي، جڏهن ته ??سد ۾ اضافي ۽ اقتصادي استحڪام کي نظر ۾ رکندي تيل جي قيمتن ۾ ڊگهي عرصي تائين گهٽتائي ج?? امڪان به آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 2025ع ۾ ڪچي تيل جي روزانو رسد 105 ملين بيرل تائين ٿيڻ ج?? امڪان آهي جيڪو جاري سال جي ڀيٽ ۾ 2 ملين بيرل روزانو وڌيڪ آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي، ته ??رعي جنسن جي قيمتن ۾ استحڪام جي اميد آهي، 2024ع کان پوءِ ايندڙ ٻن سالن ۾ زرعي جنسن جي قيمتن ۾ 4 سيڪڙو تائين گهٽتائي جا امڪان آهن. سازگار موسمي حالتن ۽ پيداوار ۾ اضافي سبب کاڄرو تيل جي قيمتن ۾ به گهٽتائي جي اميد آهي، ان جي ابتڙ چاڪليٽ ۽ ڪافي جهڙين مصنوعات جون قيمتون بلند رهڻ ج?? امڪان به آهي. عالمي بئنڪ ج?? اڳڪٿي مطابق ڌاتن جون قيمتون ايندڙ 2 سالن ۾ مجموعي طور مستحڪم رهڻ جڏهن ته لوهه جي قيمتن ۾ گهٽتائي ج?? امڪان آهي.
توانائي، زرعي ۽ غذائي شين جي قيمتن ۾ جاري ۽ ايندڙ سالن دوران گهٽتائي جو امڪان آهي: عالمي بئنڪ
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس