اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته اها اسان جي قومي ۽ آئيني ذميواري آ??ي ته اسان پنهنجي ٻارن جي بهتر مفادن جو تحفظ ڪريون، ٻارن کي بامقصد ۽ فائديمند شهري بڻائڻ جي لاءِ ٻارن جي حقن جو تحفظ اسان جو عز?? آهي، حڪومت ٻارن جي حقن بابت هڪ آزاد ۽ خودمختيار قومي ڪميشن قائم ڪري رهي آ??ي، حڪومت ٻارن سان زيادتي جي روڪٿام لاءِ فوجداري قانون (ٻيون ترميمي بل 2016ع) لاڳو ڪيو آهي. ٻارن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته هر سال ٻارن جو عالمي ڏينهن ان عز?? سان ملهايو وڃي ٿو ته اسان جي ايندڙ نسل جي حقن جي حوالي س??ن ٻارن جي حقن بابت گڏيل قومن جي ڪنوينشن تي عالمي برادري س??ن گڏجي عملدرآمد ڪري سگهجي. اهو يو اين ڪنوينشن ٻارن جي حقن جو بنيادي اصول فراهم ڪري ٿو.
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ