اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ۽ سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلم??ن جي موجودگي ۾ پاڪستان ۽ سعودي عر?? جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون ۽ سيڙپڪاري جي 20 ارب ڊالر ماليت جي 7 معاهدن ۽ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون ويون، صحيحن واري تقريب وزيراعظم ه??ئوس ۾ ٿي. پاڪستان ۽ سعودي عر?? جي وچ ۾ اسٽينڊرڊائيزيشن جي شعبي ۾ تعاون جي معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون. سعودي عر?? جي واپار واري وزير ڊاڪٽر ماجد القاسمي ۽ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي معاهدي تي صحيحون ڪيون. راندين جي شعبي ۾ تعاون جي معاهدي تي سعودي عر?? جي پرڏيهي وزير عادل الجبير ۽ بين الصوبائي رابطن، نوجوان ۽ راندين جي معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا صحيحون ڪيون.
مضمون کا ماخذ : قزاقوں کی کافی مقدار