اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) حڪومت پيٽروليم جي شعبي ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ ۽ ڪاروبار ۾ آساني پيدا ڪرڻ جي لاءِ ٺوس روڊ ميپ جو اعلا?? ڪري ڇڏيو آهي جنهن تحت تيل ۽ گئس جي ڳولا، ريفائنرين، تيل ۽ گئس ذخيرو ڪ??ڻ، پائيپ لائينن جي تعمير، ايل پي جي ۽ ايل اين جي جي شعبن ۾ ??ال??سي سڌارن ۽ ڪاروبار ۾ آسانيون ??يدا ڪرڻ جي لاءِ موثر قدم کنيا ويندا، تيل ۽ گئس جي ڳولا ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ مختلف ادارن کان منظوري وٺڻ جو عمل 24 کاتن کان گهٽ ڪري 14 کاتن تائين ڪيو ويو آهي. روڊ ميپ جو اعلان وزيراعظم جي پيٽروليم واري خصوصي معاون ??ديم بابر وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ۽ بجلي ۽ پيٽروليم واري وفاقي وزير عمر ايوب سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : نقدی پھٹنا