مڪو شريف -02 جولاءِ (اي پي پي) سعودي حج ۽ عمري واري وزير ڊاڪٽر توفيق الربيعه حج 2024 (1445هه) لاءِ شروعاتي منصوبي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پروگرام تي عمل جي شروعات 16 سيپٽمبر 2023ع کان ڪئي ويندي. سعودي خابرو اداري مطابق حج ۽ عمري واري وزير طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ت?? حج 2024?? لاءِ اڳ ۾ کان عملي طور تي ڪم جي شروعات ڪئي ويندي ت?? جيئن ڪمپنين طرفان حج پانڌيئڙن کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ تياري جو وقت ملي سگهي. هن چيو ته ايندڙ حج لاءِ سيمينار منعقد ڪيا ويندا. لائسنس يافته ڪمپنين جي ڊج??ٽل رجسٽريشن جي شروعات ڪئي ويندي. هوائي ڪمپنين سان معاهدي لاءِ سول ايوي ايشن سان لاڳاپيل معاملن کي حتمي شڪل ڏني ويندي. حج ويزائون جاري ڪرڻ جي حوالي سان هن چيو ته پهرين مارچ 2024?? (20 شعبان 1445هجري) کان ڊج??ٽل ويزائون جاري ٿيڻ شروع ٿي وينديون اهو سلسلو 29 اپريل 2024?? تائين جاري رهندو جڏهن ته 9 مئي 2024?? (پهرين ذوالقعد 1445) کان حج پانڌيئڙن جون اڏامون ملڪ اچڻ شروع ٿي وينديون.
سعودي حج ۽ عمري واري وزير جو حج (1445هه) 2024ع لاءِ شروعاتي منصوبي جو اعلان
مضمون کا ماخذ : پاور بال لاٹری