غزه -10 جنوري(اي پي پي) غزه ۾ سال 2025 ع جي پهرين ستن ڏينهن دور??ن لڳاتار تشدد سب 74 ٻار فوت ٿيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن جي ٻار?? واري اداري يونيسيف جي ايگزيڪيو ٽو ڊائريڪٽر ڪيٿرين رس?? چيو آهي ته غزه جي ٻارن لاءِ نئون سال وڌيڪ فوتگيون ۽ تڪليفون کڻي آيو آهي. انهن اسرائيل حملن، محرومين ۽ سيءُ جا اثر شامل آهن. هن وڌيڪ چيو ته يونيسيف ڊگهي عرصي کان خبردار ڪري رهيو آهي ته نه هجڻ جي برابر پناهه گاهون، غذائيت ۽ صحت جي سهولت جي گهٽتائي، صفائي جي خراب صورتحال ۽ ٿڌ غزه جي سمورن ٻارن جي زندگين کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، خاص ڪري نوان ڄاول ٻار ۽ اهي ٻار جن کي طبي مسئلا درپيش آهن اهي وڌيڪ خطري جو شڪار آهن. يونيسيف غزه جي ٻارن کي تحفظ فراهم ڪر?? ۽ انهن جون بنيادي ضرورتون پوريون ڪر?? لاءِ جلد قدم کڻڻ جي اپيل ڪئي آهي.
مضمون کا ماخذ : loteria instantânea