اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) وزير??عظ?? شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان ڪڏهن به اڪيلو نه هو، پرڏيهي پاليسي ڪامياب رهي آ??ي، ملڪ ۾ دهشتگردن جا ڪنهن به قسم جا ڪي ڳجها ٺڪاڻا نه آهن، دهشتگردي خلاف دنيا جي سڀ کا وڏي جنگ وڙهي رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ ??جي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. وزير??عظ?? چيو ته بحران، مشڪلاتون ۽ چئلينجز ايندا رهندا آهن، حڪومت جو ڪم انهن جو مقابلو ڪرڻ آهي ۽ اهو اسان ڪري رهيا آهيون، گڏيل قومن جون جيڪي به قراردادون آهن اسان انهن جي مڪمل تعميل ڪريون ٿا، حڪومت سمورن مسئلن کي خوش اسلوبي سان حل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آ??ي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اهي خطرا نه آهن پر مسئلا آهن جن جو اظهار مختلف ??ور??ن تي ڪجهه ملڪن ڪيو آهي جنهن جو پاڪستان وڏو واضح جواب به ڏئي ڇڏيو آهي ۽ اسان جو ان حوالي سان جواب وڏو واضح آهي ته پاڪستان ۾ دهشتگردن جا ڪنهن به قسم جا ڳجها ٺڪاڻا نه آهن ۽ نه ئي پاڪستان ڪنهن قسم جي دهشتگردي جي حمايت ڪري ٿو پر پاڪستان ته هن وقت دهشتگردي جي خلاف دنيا جي سڀ کان وڏي جنگ وڙهي رهيو آهي.
پاڪستان ڪڏهن به اڪيلو نه هو، پرڏيهي پاليسي ڪامياب رهي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ