اسلام آباد – 14 مارچ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادب?? ورثي واري مملڪتي وزير مري?? اورنگزيب چيو آهي ته بدعنوا??ي کان پاڪ ۽ شفاف ۽ آزاداڻيون چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي، اليڪشن ڪميشن سينيٽ جي چونڊن ۾ ٿيل هارس ٽريڊنگ جي جاچ ڪري ۽ ووٽ جي تقدس کي پائمال ڪندڙن کي سزا ڏي، سينيٽ جي چونڊن ۾ جيڪو تماشو لڳو اهو سڄي قوم ڏٺو آهي، عام چونڊن ۾ پاڪستان جي عوام انهن کي رد ڪري. سينيٽ اليڪشن ۾ هارس ٽريڊنگ جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۾ ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي مري?? اورنگزيب چيو ته ان حوالي سان جاچ ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي. هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 218 جي ذيلي شق 3 اليڪشن ڪميشن ??ي اهو به اختيار ڏي ٿي ته هو بدعنوا??ي کان پاڪ شفاف ۽ آزاداڻي چونڊن کي يقيني بڻائي.
مضمون کا ماخذ : خوش قسمتی کا رش