اسلام آباد – 26 مارچ (اي پي پي) اطلاعات، نشريا??، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران صاحب شهباز شريف سان ساڙ توهان کي ذهني مريض بڻائي ڇڏيندو، شهباز شريف ماڻهن جي خدمت ڪئي آهي ان لاءِ خيبرپختونخوا جي ماڻهن کي به شهباز شري?? جهڙو وڏو وزير گهرجي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته پنجاب ۾ مٽرو بس، اورينج ٽرين، بس سروس، زمين کان مارڪيٽ تائين رستن جي تعمير ۽ انفراسٽرڪچر ڏسي شر?? ته ايندو هوندو، هن چيو ته عمران صاحب پنجاب ۾ 36 ضلع هيڊڪوارٽرز اسپتالن کي جديد بڻايو ويو آهي، اسپتالن ۾ بهاولپور اسپتال، طيب اردوان اسپتال مظفر ڳڙهه، چلڊرين اسپتال فيصل آباد، ملتان ڪڊني سينٽر، راولپنڊي انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي، شاهدره ٽيچنگ اسپتا??، برن سينٽر ملتان، سرجيل ٽاور لاهور، ميو اپستال ۽ پنجاب جي نئين ٽيچنگ اسپتالن جو دورو ڪريو.
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II