لاهور – 23 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم بلدياتي نظام جي لاءِ ٽي بنيادي اصول طئي ڪيا آهن، بلدياتي نظام با??خت??ار هوندو، چونڊون سڌوسنئون ٿينديون ۽ اهو نظام سادو هوندو. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پنجاب ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته اجلاس ۾ بلدياتي نظام جي حوالي سان تفصيلي بحث ڪيو ويو. وزيراعظم بلدياتي نظام جي لاءِ ٽي بنيادي اصول طئي ڪيا آهن، پهريون – بلدياتي نظام با??خت??ار هوندو يعني جيڪو نمائندو چونڊجي ايندو اهو با??خت??ار هوندو، ٻيو – بلدياتي چونڊون سڌوسنئون ٿينديون ۽ ٽيون – اهو نظام سادو هوندو. ها??ي ان موجب ان تي قانونسازي ??يندي.
مضمون کا ماخذ : جڑواں اسپن