فيصل آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته صاف ۽ شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ سميت ووٽر کي آگاهي ڏيڻ ۽ عملي جي تربيت اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي، چونڊن ۾ ٽيڪنالاجي جو استعمال مخالف ڌر کي ان ل??ءِ پسند نه آهي ته ان ??ان ڌانڌلي رڪجي ويندي، ماضي ۾ اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي ل??ءِ ڪي قدم نه کنيا ويا پر هاڻي ا??ان صاف، شفاف ۽ غيرجانبدار چونڊون چاهيون ٿا، اليڪشن ڪميشن کي پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻيون پونديون، مهانگائي تي ضابطو آڻڻ جي ل??ءِ قدمن، ملڪ جي ڪمزور ترين طبقي کي ٽارگيٽيڊ سبسڊي جي فراهمي ۽ زرعي پيداوار ۾ اضافي جي ل??ءِ پڻ ڀرپور ڪوششون جاري آهن، هائوسنگ منصوبي تحت 60 ارب رپين جا قرض منظور ٿي چڪا آهن جنهن ??ان گڏوگڏ فيصل آباد ۾ جلد صحافي ڪالوني پڻ قائم ڪئي ويندي. پنهنجي تڪ نيابت اين اي 108 ۾ 57.514 ملين رپين جي لاڳت ??ان 9.42 ڪلوميٽر ڊگهي سمندري روڊ نيا موآنه منڊي تائين مڇي فارم ستيانه روڊ فيصل آباد جي تعمير جي سلسلي ۾ مونگيان چوڪ چڪ 235 رب ملکانوالا ۾ منعقد پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ۾ هن چيو ته اها ڳالهه انتهائي افسوسناڪ آهي ته مخالف ڌر صاف ۽ شفاف چونڊن جي راهه ۾ رڪاوٽون وجهي رهي آهي. هن چيو ته چونڊن ۾ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال وقت جي ضرورت آهي پر چونڊن ۾ ٽيڪنالاجي جو استعمال مخالف ڌر کي ان ل??ءِ پسند نه آهي ڇو ته ان ??ان ڌانڌلي رڪجي ويندي ۽ مردا ۽ فرشتا ووٽ نه وجهي سگهندا ۽ نه ئي جعلي بيلٽ پيپرز جي ڇپائي ممڪن ٿي سگهندي ۽ ان ??ان ٺپا مافيا سياسي گروهه جي سياست سدائين جي ل??ءِ ختم ٿي ويندي. هن چيو ته هن وقت 90 لک پاڪستاني روزگار جي سلسلي ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ ۽ ساليانو 30 ارب ڊالر جو مٽاسٽا جو ناڻو پاڪستان موڪلي رهيا آهن ۽ آئين جي شق 94 تحت انهن کي ووٽ جو حق ملڻ انهن جو حق آهي پر پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جا ٽي ٽي ڀيرا وزيراعظم رهيا پر انهن اوورسيز پاڪستانين کي انهن جي ووٽ جو حق نه ڏنو جيڪا انهن ??ان زيادتي آهي، تنهن ڪري 2023ع جون چونڊون اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ذّريعي ئي ڪرائينداسين ۽ اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو قانوني حق ڏينداسين. هن چيو ته جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن يا مخالف ڌر کي موجوده اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تي ڪي ا??تراض يا خدشا آهن ته ان تي گڏجي ويهي ڳالهه ۽ ان ۾ بهتري آڻي سگهجي ٿي. هن چيو ته اهو به چيو پيو وڃي ته ايندڙ چونڊن جي ل??ءِ وقت گهٽ آهي ان ل??ءِ ايتريون مشينون نه ٿيون ٺهي سگهن جڏهن ته هي ٽيڪنالاجي جو دور آهي، تنهن ڪري مختصر کان مختصر وقت ۾ جيتريون چاهيون مشينون ٺاهي وٺون. فرخ حبيب چيو ته 20 کان وڌيڪ ملڪن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ڪاميابي ??ان استعمال ڪئي پئي وڃي ته پوءِ پاڪستان ۾ اها ڇو استعمال نه ٿي ٿي سگهي. هن چيو ته جيڪڏهن نيت صاف هجي ته سسٽم ٺاهڻ ۽ ان کي هلائڻ ۾ وقت نه ٿو لڳي تنهن ڪري جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن اهو سمجهي ٿي ته ماڻهن ۾ ان ڏس ۾ شعور نه آهي ته انهن جي اليڪشن ايجوڪيشن به اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي. هن چيو ته پوري دنيا ۽ پورو ملڪ موجوده صورتحال کي ڏسي رهيو آهي تنهن ڪري جيڪو به شفاف چونڊن جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجندو ته پوءِ ان تي سوال ته اٿندا. هن چيو ته حڪومت آڇ ڪري ٿي ته جيڪڏهن مخالف ڌر وٽ ڪي متبادل تجويزون آهن ته اهي حڪومت کي ڏي ۽ پارليامينٽ ۾ ويهي ان تي ڳالهه ڪري. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چيو ته مخالف ڌر وٽ نه ڪو ٻيو آپشن آهي ۽ نه ئي تجويزون ان ل??ءِ اها بنا جواز پروپئگنڊه ۾ مصروف آهي. هن چيو ته مريم صفدر ا??ان جي فارن فنڊنگ جي ڳالهه ڪري ٿي جڏهن ته ا??ان سمورا ثبوت اليڪشن ڪميشن کي فراهم ڪري ڇڏيا آهن تنهن ڪري هاڻي مريم صفدر، شهباز شريف، آصف زرداري، بلاول زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان جو وارو آهي ته اهي به پنهنجي فنڊنگ جو حساب ڏين. فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان سڀني کي چيو آهي ته اچو چونڊ سڌارن تي ڳالهه ڪريو پر مخالف ڌر ان ل??ءِ تيار نه آهي ڇو ته هن سڄي زندگي ڌانڌلي ۽ جعلي ووٽنگ ??ان اليڪشن کٽيا ۽ اهي سمجهن ٿا ته جيڪڏهن اهو ووٽنگ مشين وارو سسٽم اچي ويو ته پوءِ ڌانڌلي ۽ ٺپا مافيا جي سياست جو خاتمو ٿي ويندو. هن چيو ته جيڪو به ملڪ ۾ ڌانڌلي جي نظام کي وڌائڻ چاهي ٿو ا??ان ان کي ان جي ڪوشش ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ مملڪتي وزير چيو ته ماضي جي حڪومتن جي دور ۾ ڦرلٽ، ڪرپشن، پنهنجا نوازي عروج تي هئي، ايڪسپورٽ مسلسل هيٺ اچي رهي هئي، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو وڌي رهيو هو، پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا ڪجهه ڏينهن جي ل??ءِ رهجي ويا هئا، ملڪ ڏيوالپڻي جي ويجهو هو، اهو ئي سبب آهي جو جيئن ئي ا??ان حڪومت سنڀالي ته فوري طور تي ا??سن اقبال چيو ته ملڪي معيشت کي سهارو ڏيڻ جي ل??ءِ حڪومت کي آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ گهرجي ڇو ته ا??ان کي انهن جي ورتل قرضن جون قسطون ادا ڪرڻيون هيون پر پوءِ به ا??ان انتهائي دانشمندي ??ان معيشت کي سهارو ڏنو، ايڪسپورٽ وڌائي ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽ ڪيو. هن چيو ته هاڻي ا??ٽيٽ بئنڪ وٽ 20 ارب ڊالر جا ريزرو موجود آهن، ڪنسٽرڪشن انڊسٽري هلي رهي آهي، گاڏيون، موٽرسائيڪلن ۽ زرعي مشينري وڪرو ٿي رهي آهي، صنعتون هلي رهيون آهن. بلوچستان جي وڏي وزير جي خلاف عدم اعتماد جي حوالي ??ان شهباز شريف جي هڪ بيان بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته (ن) ليگ کي بلوچستان ۾ هڪ اميدوار به نه مليو هو تنهن ڪري شهباز شريف جي بيان جي ڪا حيثيت نه آهي، جڏهن شهباز شريف جي ڳالهه کي ان جي ڀائيٽي مريم صفدر به سنجيده نه ٿي وٺي ته ا??ان ڇو وٺون. هن چيو ته هي اهو ئي شهباز شريف آهي جنهن کي آصف زرداري کي لاڙڪاڻي جي رستن تي گهلڻو هو پر هاڻي هو ان جي پٺيان پٺيان آهي ته جيئن ڪهڙي طرح انهن کي اين آر او ملي وڃي. پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي جي حوالي ??ان هن چيو ته عالمي منڊين ۾ اڳ ۾ پيٽرول جي قيمت 34 ڊالر في بيرل هئي جيڪا هاڻي وڌي 75 ڊالر في بيرل ٿي وئي آهي پر پاڪستان ۾ اڃا به پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون گهٽ آهن ۽ حڪومت پنهنجي ٽيڪسن ۾ گهٽتائي ڪري عوام کي مالي ??ار کان بچائي رهي آهي. هن چيو ته شهباز شريف پنهنجي دور ۾ مهانگا بجلي گهر لڳايا ۽ 45 سيڪڙو امپورٽيڊ فيول تي بجلي ٺاهڻ جي ا??ازت ڏني ۽ اهڙا معاهدا ڪيا جو ا??ان بجلي وٺون يا نه وٺون ان جا پئسا ا??ان کي ڏيڻا پئجي رهيا آهن ۽ چون ٿا ته سسٽم اپ گريڊ نه ٿي سگهيو. هن چيو ته هاڻي ا??ان غريبن کي ٽارگيٽيڊ سبسڊي ڏئي رهيا آهيون جنهن ??ان مهانگائي تي جلد ضابطو آندو ويندو. هن چيو ته اها ڳالهه به افسوسناڪ آهي ته ا??ان زرعي ملڪ هجڻ جي باوجود ڪوڪنگ آئل، چڻا، داليون ٻاهران امپورٽ ڪريون ٿا جنهن تي قيمتي پرڏيهي ناڻو خرچ ٿئي ٿو تنهن ڪري هاڻي ا??ان ملڪ ۾ ئي انهن جي پيداوار وڌائڻ طرف ڌيان ڏئي رهيا آهيون. فرخ حبيب چيو ته پاڪستان جي 22 ڪروڙ ايڪڙ زمين مان رڳو 5 ڪروڙ ايڪڙ زمين پوکيءَ هيٺ آهي ۽ ا??ان کاڄرو تيل ٻاهران گهرائي رهيا آهيون جيڪو اڳ ۾ 500 ڊالر في ٽن هو پر هاڻي 1200 ڊالر في ٽن آهي ان ل??ءِ ا??ان کاڄرو تيل جي ملڪي پيداوار ۾ اضافي جا منصوبا به شروع ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته ڊسمبر 2021ع تائين پنجاب جي سمورن شهرين کي هيلٿ ڪارڊ فراهم ڪيو ويندو جڏهن ته ان ??ان گڏوگڏ هائوسنگ سيڪٽر ۾ به 60 ارب رپين جا قرض منظور ٿي چڪا آهن. فيصل آباد ۾ صحافي ڪالوني قائم ڪرڻ جي حوالي ??ان اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ان سلسلي ۾ سمري منظوري جي ل??ءِ موڪلي وئي آهي ۽ فيصل آباد جي سمورن صحافتي گروپن گڏيل طور تي حقيقي ورڪنگ جرنلسٽس جي جيڪا حتمي فهرست تيار ڪري ڏني هئي ان ۾ شامل سمورن صحافين کي جلد صحافي ڪالوني ۾ پلاٽ الاٽ ڪيا ويندا ٻئي طرف ا??ان ڪامياب جوان پروگرام ۾ به صحافين جو حصو رکي رهيا آهيون تنهن ڪري صحافين کي ان مان به فائدو کڻڻ گهرجي.
صاف ۽ شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ سميت ووٽر کي آگاهي ڏيڻ ۽ عملي جي تربيت اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش