اسلام آباد – 05 جنوري (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان گهڻ رخي ترقي لاءِ ڊگهي مدي واري منصوبابندي جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته اسان جي ڪوشش آهي ته ترقي جو اهڙو نظام جوڙيون جنهن ۾ ڪو به طبقو ۽ علائقو محروم ۽ پوئتي نه رهجي، سڄي ملڪ کي هڪجهڙي طور تي اڳتي وڌڻ جا موقعا فراهم ڪيا وڃن، صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ ۽ مواصلاتي رابطن جو فروغ تمام وڏي تبديلي آهي، ماضي ۾ شاهراهون پئسا ٺاهڻ لاءِ تعمير ڪيون وينديون هيون، 2013ع جي مقابلي ۾ 2021ع ۾ جيڪي رستا ٺهيا انهن جي لاڳت گهٽ آهي، رستن جي تعمير ۾ هڪ هزار ارب روپين جي ڪرپشن ڪئي وئي، هڪ قرضي ملڪ ۾ ايتري وڏي ڪرپشن ٿي رهي هئي، مديني جي رياست جي طرز تي ملڪ جي تعمير ڪري رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪله ڊي آءِ خان ??وٽر وي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وز??راعظم عمران خان چيو ته مواصلات واري وزارت کي خراج تحسين پيش ڪريان ??و، مواصلات واري وفاقي وز??ر ۽ سندس وزارت، خاص طور تي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو. اڄ اسان ??ڪله – ڊي آءِ خان ??وٽر وي جو افتتاح ڪيو، ان شاهراهه سان ??لڪ کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو. ماضي ۾ ترقي صرف وڏن شهرن ۽ لاهور تائين محدود هئي، اوڀر لنگهه تي ڌيان ڏنو ويو، انهي طرف وڌيڪ ترقي ٿي، باقي علائقن کي نظر انداز ڪيو ويو، ملڪ ڊگهي مدي واري منصوباندي سان تعمير ٿيندا آهن. چين ايندڙ 30 سالن جي حڪمت عملي به جوڙي رکي آهي ۽ مستقبل جو روڊ ميپ بڻائي رکيو آهي، ترقي جي لاءِ ضروري آهي ته سڄي ملڪ کي هڪجهڙي طور تي اڳتي وڌڻ جا موقعا فراهم ڪيا وڃن. جيڪڏهن ڊگهي مدي واري منصوبابندي نه ڪئي وڃي ته ڪجهه علائقا ته ترقي جي ڊوڙ ۾ اڳتي نڪري ويندا آهن پر باقي ملڪ پوئتي رهجي ويندو آهي، ان سان اهو ٿيندو آهي ته ٿورا ماڻهو تمام گهڻا امير ٿي ويندا آهن ۽ اڪثريت غريب رهجي ويندي آهي، وز??راعظم چيو ته بدقسمتي سان سڄي ترقي پذير دنيا جو اهو ئي مسئلو آهي ته ڪجهه ماڻهو گهڻا امير ۽ باقي غريب رهجي ويناد آهن. هڪ ٻن علائقن تي وڌيڪ سيڙپڪاري ڪئي ويندي آهي جڏهن ته باقي علائقا پوئتي رهجي ويندا آهن. ڪڏهن به ڪو ملڪ ان طرح ترقي نٿو ڪري سگهي، هن چيو ته 60ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان جي پلاننگ ڪميشن زبردست منصوبابندي ڪئي، هن ڊگهي مدي واري حڪمت عملي اختيار ڪئي، 60ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان جي ترقي لاءِ وڏا وڏا منصوبا ٺهيا، ان کانپوءِ ڪڏهن اهڙي طرح جي ڊگهي مدي واري حڪمت عملي اختيار نه ڪئي وئي، هلڪه – ڊي آءِ خان ??وٽر وي سان انهن علائقن کي اڳتي وڌڻ ۾ مدد ملندي جيڪي ترقي جي ڊوڙ ۾ پوئتي رهجي ويا، انهن علائقن جا ماڻهو محروم ان ??اءِ رهجي ويا ڇو ته انهن تي ڌيان ??ه ڏنو ويو ۽ ترقي جي ڊوڙ ۾ شامل نه ڪيو ويو. پوئتي پيل علائقن ۾ جنهن جو زندگي جو معيار به بهتر ٿي ويندو آهي هو وڏن شهرن ۾ وڃي رهڻ شروع ڪري ڇڏيندو آهي ۽ پنهنجي ٻ??رن ۽ خاندان کي به وڏن شهرن ۾ منتقل ڪري وٺندو آهي ڇو ته اتي تعليم، صحت ۽ ٻين سهولتن جي فراهمي بهتر هوندي آهي جنهن جي ڪري پوئتي رهجي ويل علائقا وڌيڪ هيٺ هليا ويا. جڏهن ننڍن علائقن مان ??يلينٽ وڏن شهرن ۾ منتقل ٿي ويندو آهي ته اهو ترقي جي ڊوڙ ۾ وڌيڪ رهجي ويندا آهن، سي پيڪ جي اولهندي لنگهه جي پهرين مرحلي جي تعمير مڪمل ٿيڻ سان ايندڙ سالن ۾ ان علائقي تي زبردست اثر پوندا. وز??راعظم چيو ته هڪله – ڊي آءِ خان ??وٽر ويز جي تعمير سان ??سافري جو وقت گهٽ ٿي ويندو ۽ ڊي آءِ خان جو 7 ڪلاڪن جو سفر 3 ڪلاڪن جو رهجي ويندو، علائقي ۾ ترقي ۽ سهولتن جي فراهمي ٿيندي. وز??راعظم چيو ته حڪومت صحت ڪارڊ جاري ڪيو آهي، پهرين ميانوالي، ڊيره اسماعيل خان جهڙن ڏورانهن علائقن جي ماڻهن کي علاج جي لاءِ وڏن شهرن ۾ وڃڻو پوندو هو ۽ ڪيترائي ويچارا مريض رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيندا هئا، پنجاب جي هر خاندان کي مارچ تائين هيلٿ ڪارڊ ملي ويندو جنهن سان انهن کي 10 لک روپين تائين جي هيلٿ انشونس حاصل هوندي، هاڻي ميانوالي، ڊي آءِ خانا جهڙن پوئتي پيل علائقن ۾ به پرائيويٽ اسپتال ٺهنديون، ڇو ته ماڻهن وٽ جڏهن پنهنجي علاج ڪرائڻ لاءِ هر جاءِ تي پرائيويٽ اسپتال ٺهنديون، پهرين پرائيويٽ اسپتال وڏن شهرن ۾ ٺهنديون هيون، حڪومت وٽ ايترو پئسو ناهي ته جو هر جاءِ تي اسپتال ٺاهي، هيلٿ ڪارڊ جي ڪري نجي شعبو اسپتال تعمير ڪندو، هيلٿ ڪارڊ صرف هڪ ڪارڊ نه پر صحت جو هڪ پورو نظام آهي، وز??راعظم چيو ته مختلف ضلعن جي سرڪاري اسپتالن ۾ صحت جو نظام ٺيڪ نه آهي، ڊاڪٽرز ڏورانهن علائقن ۾ نٿا وڃن، جنهن سان ??انهو علاج جي سهولتن کان ??حروم آهن، رياست جي بنيادي ذميدارين ۾ عوام جي صحت جو خيال رکڻ گهڻو ضروري آهي، اهڙي طرح تعليم ۽ انصاف به رياست جي بنيادي ذميداري ۽ عوام جي تمام وڏي ضرورت آهي، وز??راعظم چيو ته صحت ڪارڊ ۽ ڪنڪٽيوٽي تمام وڏي تبديلي آهي. وز??راعظم چيو ته وڏي عرصي کان اهو چئي رهيو آهيان ته ڪرپشن پاڪستان جو سڀ کان ??ڏو مسئلو آهي، اين ايڇ اي جو مثال سامهون آهي جنهن ۾ ڪرپشن جو خاتمو ڪيو ويو آهي، جڏهن ڪنهن اداري مان ڪرپشن ختم ٿي ويندي آهي ت?? عوام کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو. گذريل حڪومت جيترن پئسن مان ??ڪ رستو ٺاهيو اسان ايترن پئسن مان ??يڻو رستو ٺاهيو، جيتوڻيڪ 2013ع جي مقابلي ۾ هاڻي لاڳت تمام گهڻي آهي، ان جي باوجود ماضي جي مقابلي ۾ اسان جيڪي رستا ٺاهي رهيا آهيون اهي گهٽ لاڳت ۾ بڻجي رهيا آهن. ان ??ان اها ڳالهه واضح ٿي وڃي ٿي ته ڪنهن جي کيسي ۾ پئسا وڃي رهيا هئا. ماضي ۾ رستا ان ??اءِ نه ٺهي رهيا هئا ته ڏورانهن علائقن کي فائدو ٿئي پر پئسو بڻائڻ جي لاءِ رستا ٺاهيا ويا، بلوچستان جهڙي ڏورانهن علائقن ۾ رستا نه ٺاهيا ويا، انهن جي احساس محرومي جائز آهي، ايتري وڏي علائقي کي ترقي کان ??حروم رکيو ويو ۽ جتي پهرين ئي ترقي موجود انهن علائقن کي وڌيڪ ترقي ڏني وئي، جيڪڏهن پئسا چوري نه ڪيو وڃي ها ته انهي پئسي ۾ ٻيڻ تي رستا ٺهي سگهيا پئي. هن چيو ته اين ايڇ اي جو روينيو ٻيڻو ٿي چڪو آهي، اهو ان ??اءِ ممڪن ٿيو ڇو ته ڪرپشن جو خاتمو ڪيو ويو، اين ايڇ اي جي زمينن تي قبضن جو خاتمو ڪيو ويو ۽ قبضو ڇڏرايو ويو آهي، هن وقت تائين 5 ارب روپين جون زمينون آجيون ڪرايون ويون آهن، اين ايڇ اي ۾ اهڙا ماڻهو ويٺل هئا جنهن گڏجي سرڪاري زمينن تي قبضا ڪرايا. وز??راعظم چيو ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ هزار ارب روپيا مختلف ماڻهن جي کيسن ۾ ويا، هڪ قرضي ملڪ ۾ ايتري وڏي رقم ڪرپشن جي ور چڙهي رهي هئي، ان کان ??ڏو ظلم ڪهڙو هوندو ته هڪ اهڙو ملڪ جيڪو قرض کڻي هلي رهيو آهي ان ۾ ايتري وڏي ڪرپشن ڪئي پئي وئي ۽ پئسا ٺاهڻ جي لاءِ مهانگا رستا ٺاهيا پئي ويا. هنن ڪرپشن جا مختلف طريقا ايجاد ڪيا هئا اهڙي طرح ڪرپشن کي عدالت ۾ ثابت ڪرڻ مشڪل هوندو آهي. وز??راعظم وفاقي وز??ر مراد سعيد ۽ سندس وزارت کي بهترين ڪارڪردگي تي شاباش ڏيندي چيو ته هو ڪرپشن جي خاتمي ۽ پنهنجي ڪارڪردگي کي اجاگر ڪري ۽ عوام کي ٻڌائي. وز??راعظم چيو ته ترقي سدائين سڀني کي گڏ کڻي هلڻ سان ??يندي آهي ڪنهن هڪ طبقي جي ترقي ڪرڻ سان ترقي ناهي ٿيندي. اسان جي پوري ڪوشش آهي ته ترقي جو اهڙو نظام جوڙيون جنهن ۾ ڪو به طبقو ۽ علائقو محروم ۽ پوئتي نه رهجي. هن چيو ته مديني جي رياست دنيا جي تاريخ جو سڀ کان ڪامياب ماڊل آهي، نبي ڪريم ﷺ دنيا جي تاريخ جو سڀ کان ڪامياب ماڊل 10 سال ۾ لاڳو ڪري ڏيکاريو، مديني جي رياست ڪنهن ايليٽ ڪلاس جي لاءِ نه هئي پر ان ۾ عام ماڻهن کي مٿي کنيو، مديني جي رياست ۾ معاشي ۽ عدالتي انصاف هو ۽ ميرٽ جي پاليسي هئي، اسان جي حڪومت به شفافيت ۽ ميرٽ جي پاليسي تي عمل پيرا آهي، قوم کي ان جو فائدو ٿي رهيو آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته ايندڙ ٻن سالن جي دوران اولهندي لنگهه کي اڳتي وڌايون جنهن سان وز??رستان ۽ بلوچستان سميت سمورن پوئتي پيل علائقن جي عوام کي فائدو ٿيندو ۽ وڏن شهرن طرف لڏپلاڻ ۾ گهٽ ٿيندي. وز??راعظم چيو ته چين دنيا ۾ سڀ کان ??ڌيڪ تيزي سان ترقي ڪندڙ ملڪ آهي، سي پيڪ جي ڪري ملڪ ۾خوشحالي ۽ ترقي جا رستا کلندا، ان کان اڳ وفاقي وز??ر مراد سعيد وز??راعظم کي هڪله – ڊي آءِ خان ??وٽر وي جي باري ۾ بريفنگ ڏني، ان ??وقعي تي وفاقي وز??ر شهريار آفريدي، غلام سرور خان، وز??راعظم جو خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل ۽ ٻيا به موجود هئا.
گهڻ رخي ترقي لاءِ ڊگهي مدي واري منصوبابندي جي ضرورت آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک واریر شہزادی