اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) پاڪستان سارڪ ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار بابت ڀارتي پرڏيهي وزارت جي ت??جم??ن جي ڪوڙن دعوائن ۽ تڪراري ريمارڪس کي سختي سان رد ڪن??ي چيو آهي ته سارڪ عمل ۾ ڀارت رڪاوٽ هڪ تسليم ٿيل حقيقت آهي، پاڪستان ڀارتي سازشن جي ڀرپور ??خا??فت ۽ علائقائي امن ۽ سلامتي کي خطري ۾ وجهڻ واري امن ??خا??ف ايجنڊا کي بي نقاب ڪن??و رهندو. پرڏيهي آفيس جي ت??جم??ن عاصم افتخار احمد ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته پنهنجي متعصباڻي روين ۽ چارٽر جي شقن جون خلاف ورزيون ڪن??ي ڀارت 2016ع ۾ پاڪستان ۾ ٿيندڙ 19 هين سارڪ سربراهي ڪانفرنس کي روڪڻ جو ذميوار آهي.
ت??جم??ن چيو ته ڀارت جو جانبداراڻو رويو علائقائي تعاون لاءِ هڪ قابل قدر پليٽ فارم کي تيزي سان غير فعال ڪري رهيو آهي. ت??جم??ن چيو ته پاڪستان اميد ڪري ٿو ته ڀارت پنهنجي خود غرضاڻي طرز عمل تي نظرثاني ڪن??و ۽ ڏکڻ ايشيا جي ماڻهن جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سارڪ عمل کي اڳتي وڌڻ جي قابل بڻائيندو. هن چيو ته جيڪڏهن ان جي راهه ۾ ايندڙ هٿرادو رڪاوٽون ختم ڪيون وڃن ته پاڪستان ايندڙ سارڪ سربراهي اجلاس جي ميزباني لاءِ تيار آهي. ت??جم??ن وڌيڪ چيو ته ڀارتي عملدارن پاران ڪو به مبهم ۽ غلط بياني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي رياستي دهشتگردي جي لڪائي نٿو سگهي.
ت??جم??ن چيو ته ڪشميري عوام جي انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي 2018ع ۽ 2019ع ۾ گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر جي آفيس پاران جاري ڪيل ٻن ڪشمير رپورٽن سميت عالمي انساني حقن جي مشينري وڏي پئماني تي دستاويزي شڪل ڏني آهي. ان کانسواءِ پاڪستان عالمي برادري کي والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين، ڪشميري عوام ۽ پاڪستان ۾ ڀارتي رياستي دهشتگردي جي باري ۾ ڪيترائي ڊوزيئرز فراهم ڪيا آهن. ت??جم??ن چيو ته ڀارت کي رياستي دهشتگردي کي پاليسي طور استعمال ترڪ ڪرڻو پوندو. پاڪستان ڀارتي سازشن جي ڀرپور ??خا??فت ۽ علائقائي امن ۽ سلامتي کي خطري ۾ وجهڻ واري ان جي امن ??خا??ف ايجنڊا کي بي نقاب ڪن??و رهندو. ت??جم??ن چيو ته ڀارت کي ڪشميرين جي منصفاڻي، جائز ۽ مقامي جدوجهد جي حقيقت کي تسليم ڪرڻو پوندو. ڀارت ڪشميري عوام جي خواهشن جو احترام ڪن??ي کين گڏيل قومن جي چارٽر ۽ سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب انهن جو رد نه ڪرڻ جوڳو حق خود اراديت ڏي.