جده -10 جولاءِ (اي پي پي) سعودي حج ۽ عمري واري وزارت چيو آهي ته ننڍي عمر وارا ماڻهو هاڻي اڪيلا عمري لاءِ سعودي عرب اچي سگهن ٿا، تنهن هوندي به انهن جي عمر 18 سالن کان گهٽ نه هئڻ ??هرجي. سعودي اخبار مطابق حج ۽ عمري واري وزارت طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته سڀني عمره ڪمپنين ۽ ادارن کي چيو ويو آهي ته هو نئين عمره سيزن ??ور??ن پرڏيهه مان ايندڙ عمره زائرين جي حوالي سان مقرره قاعدن ۽ ضابطن جي پابندي جاري رکن. وزارت چيو ته پرڏيهه مان ايندڙ عمره زائرين جي عمر 18 سالن کان گهٽ نه هئڻ ??هرجي. وزارت چيو ته عمره ڪمپنيون ۽ ادارا پرڏيهي زائرين لاءِ عمره پيڪيج جي دائري ۾ گهربل سهولتن جو انتظام ڪ??. عمره ويزي جي جاري ڪرڻ لاءِ ملڪ اندر ٽرانسپورٽ، انشورنس ۽ بنيا??ي خدمتن جي بڪنگ ضروري آ??ي. عمره پئڪيج جو وقت ملڪ اندر عمره زائرين جي قيام جي حقيقي عرصي مطابق هئڻ ??هرجي، مملڪت ۾ داخل ٿيڻ جي تاريخ کان 90 ڏينهن تائين قيام ڪري سگهجي ٿو. عمره سيزن جي پڄاڻي جي حوالي سان انتهائي حد 29 ذوالقعد 1445هه هوندي.
ننڍي عمر وارا هاڻي اڪيلا عمري لاءِ سعودي عرب اچي سگهن ٿا: سعودي حج ۽ عمري واري وزارت
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری