پيانگ يانگ _23 نومبر (اي پي پي ) اتر ڪورياڏکڻ ڪوريا سان فوجي معاهدي کي معطل ڪري ڇڏيو آهي . فرانسيسي خابرو اداري مطابق ??تر ڪوريا جي دفاع واري وزارت چيو آهي ته اسان زميني ، سامونڊي ۽ هوائي رستن ۾ فوجي ڇڪتاڻ کي روڪڻ لاءِ کنيل قدمن کي واپس وٺنداسي ۽ سرحدي ??لا??قن ۾ هٿيار بند فوج ۽ جديد فوجي سازو سامان رکنداسي ،اهو اعلان ان وقت سامهون آيو آهي جڏهن ڏکڻ ڪوريا اربع ڏينهن تي چيو هو ته هن اتر ڪوريا سان فوجي معاهدي کي جزوي طورتي معطل ڪري ڇڏيو آهي ۽ اتر ڪوريا طرفان جاسوس سيٽلائيٽ جي ڪامياب لانچ جي جواب ۾ سرحد تي نگراني جون ڪاروائيون ٻيهر ??روع ڪيون وينديون .واضع رهي ته اتر ڪوريا ۽ ڏکڻ ڪوريا وچ ۾ فوجي معاهدو 2018 ع ۾ ڪيو ويو هو .
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان