بيروت-12 جون(اي پي پي)لبنان جي ڏکڻ شهر طائر جي جوئيه واري علائقي تي اسرائيل جي هوائي حملي ۾ 4 ماڻهو فوت ۽ 10 زخمي ٿي پيا،ميڊيا رپورٽن موجب رات جو دير سان ڪيل هوائي حملي ۾ جوئيه ۾ ٽن ميزائلن ذريعي هڪ گهر کي نشانو بڻايو ويو جنهن ۾ لبناني گروپ حزب الله جو هڪ سينيئر فوجي اڳواڻ ابوطالب ?? سندسن ٽي ساٿي مارجي ويا،حزب الله هن وقت تائين ان واقعي تي ڪو به تبصرو نه ڪيو آهي.مقامي طبي ذريعن موجب سول ڊيفنس ۽ اسلامڪ هيلٿ اٿارٽي جي ٽيمن گهر جو ڀنجو هٽايو ۽ لبناني ريڊ ڪراس زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو جڏهن ته گم ٿي ويل ماڻهن جي ڳولا جاري آهي،هوائي حملي جي جواب ۾ حزب ال??ه اعلان ڪيو ته ڊرون ۽ ميزائلن جو استعمال ڪندي اسرائيلي فوجي ٺڪاڻن تي حملا شروع ڪي?? ويا آهن.
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نتائج