اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف سال جي انتهائي اهم پرڏيهي دوري تي ڪالهه ڇنڇر جي صبح نيويارڪ روانو ٿي ويو جتي هو گڏيل قومن جي ج??رل اسيمبلي جي 71 هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پنهنجي ٽئين اقتدار جي دور ۾ وزيراعظم 193 رڪني عالمي فورم کي چوٿون خطاب ڪندو، اميد آهي ته وزيراعظم 21 سيپٽمبر تي ج??رل اسيمبلي کي خطاب ڪندو جنهن ۾ هو اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جو جي موقف جي وضاحت ڪندو ۽ سندس خطاب ۾ ڀارتي والاريل ڪشمير جي صورتحال تي پڻ خصوصي روشني وڌي ويندي. وزيراعظم هائوس پاران جاري بيان موجب نيويارڪ جي دوري ۾ وزيراعظم جو ش??ڊيول انتهائي مصروف هوندو. گڏيل قومن جي ج??رل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت سان گڏوگڏ وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري ج??رل سميت ڪيترن عالمي اڳواڻن سان پڻ ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو.
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس