اسلام آباد – 06 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان چور مچائي شور جو زندهه مثال آهي، توهان پنهنجي حڪومت جي ڪرپشن ۽ ڪوڙ لڪائڻ جي لا??ِ احتساب ڪميشن کي تالو لڳرايو، عمران خان چترال ۾ ٻين جي منصوبن تي ني??ن تختون هڻي ڪنهن کي بيوقوف ??ڻائي رهيو آهي، اڄ توهان نئين منصوبي تي تختي هنئي هجي ها ته اسان سڀ توهان کي مبارڪباد ڏيون ها، عمران صاحب! نوان منصوبا ڪيئن لڳندا آهن، پنجاب جي وڏي وزير محمد شهباز شريف کان تربيت وٺو. پنهنجي بيان ۾ مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته اڄ ٻيهر دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ عمران نيازي جو نالو ورتو ويو ۽ اليڪشن ڪميشن ۾ مفرور عمران خان جي وڪيل ڇوٽ گهري آهي، اليڪشن ڪميشن گذريل اڍائي سالن کان عمران خان کان سندس جواب جي منتظر آهي، عمران خان چترال ۾ ٻين جي منصوبن تي ني??ن تختيون هڻي ڪنهن کي بيوقوف ??ڻائي رهيو آهي؟
عمران خان چور مچائي شور جو زندهه مثال آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن