جده – 19 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اوورسيز پاڪستانين ۾ وڏي صلاحيت آهي ۽ اسان انه?? جي صلاحيتن مان ڀرپور فائدو کڻنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن جده ۾ شاهه فيصل محل ۾ سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستاني واپارين، سيڙپڪارن، ڊاڪٽرز، ٽيچرز، تعليمي ماهرن، انجنيئرن، ڪانٽريڪٽرز ۽ بلڊرز ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستان??ن کي پن??نجي خيالن جو اظهار ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ تي وزيراعظم جا ٿورا م??يا. وزيراعظم چيو ته سندس حڪومت معيشت کي مستحڪم ڪرڻ جو چئلينج قبول ڪيو آهي. حڪومت سمورن ڪنسٽرڪشن ڪمپن??ن کي پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏيندي ۽ تعميراتي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ ون ونڊو ذريعي سهولت فراهم ڪندي. هن چيو ته اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ سندس بدعنواني ۽ قبضي گروپ?? جي خلاف جنگ آهي. حڪومت اسلام آباد ۾ قبض?? جي خلاف مهم شروع ڪئي آهي ۽ هيستائين 300 ارب رپي?? جي زمين خالي ڪرائي وئي آهي. هن چيو ته پاڪستان جاگرافيائي، تزويراتي پوزيشن هجڻ سبب ملڪ خوشحال ٿيڻ جي صلاحيت رکي ٿو، جيڪڏهن هڪ ڀيرو گورننس جو نظام بهتر ٿي ويو ۽ بدعنواني ۾ گهٽتائي اچي وئي ته ملڪ ترقي ۽ خوشحالي جي نئين راهه تي گامزن ٿي ويندو.
اسلام آباد ۾ 300 ارب رپين جي زمين قبضي کان خالي ڪرائي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز