بغداد-26 ڊسمبر (اي پي پي) عراق جي ??ڪومت عراق جي ??تر جي نيم خودمختار علائقي ڪردستان ۾ اربيل هوائي اَڏي ويجهو آمريڪي اتحادي قيادت جي فوج جي هڪ ايئربيس تي ڊرون حملي جي مذمت ڪئي آهي. عراق جي وزيراعظم مطابق فوجي ترجمان هڪ بيان ۾ چيو آهي ته حملو سو?? اربيل ايئرپورٽ ويجهو ٿيو جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا آهن ۽ هوائي اَڏي جو آپريشن پڻ متاثر ٿيو آهي. بيان مطابق حملي کي دهشتگردي جي ڪارروائي قرار ڏيندي چيو ويو آهي ته ان قسم جي مجرماڻين ڪاررواين جو مقصد عراق جي مفادن کي نقصان پهچائڻ آهي. واضح رهي ته عراق ۾ اسلامي مزاحمت نالي هڪ گروهه ان حملي جي ??ميواري قبول ڪئي آهي.
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ