ماسڪو-08 نومبر (اي پي پي) روس جي صدر ولاديمير پيوٽن ڊونلڊ ٽرمپ کي آمريڪا جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته نئين آمريڪي صدر سان رابطو بحال ڪرڻ ۾ ڪا به رڪاوٽ ناهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق هن نيوولدائي فورم سان خطاب ۾ چيو ته ٽرمپ سان رابطو ڪرڻ ڪا غلط ڳالهه نه هوندي . هو پن??نج?? چونڊ مهم دوران قاتلاڻي حملي ۾ زخمي ٿيو هو . هن چيو ته ٽرمپ وڏي همت جو مظاهرو ڪيو ۽ هڪ بهادر ماڻهو وانگر ڪم ڪيو . نئين صدر جا روس سان لاڳاپا بحال ڪرڻ ۽ يوڪرين بحران جي خاتمي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي خواهش ڌيان جي مستحق آهي . هن چيو ته هو پاڻ ٽ??مپ سان رابطو ڪرڻ ۾ عار محسوس نٿو ڪري . کيس ڊونلڊ ٽرمپ سان رابطي کي ٻيهر شروع ڪرڻ ۾ قطعي ڪو اعتراض ناهي . روس جي صدر چيو ته هن وٽ پن??نج?? دفاع لاءِ ڀروسي جوڳا هٿيار موجود آهن ۽ مسلسل تيار ٿي رهيا آهن ۽ اهڙا هٿيار رکندڙ ملڪن جي انگ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي . ڪو به ملڪ ان ڳالهه جي ضمانت نه ڏيندو ته سندن سلامتي کي خطرو لاحق ??يڻ تي انهن کي استعمال نه ڪيو ويندو . هن زور ڀريو ته دنيا هڪ خط??نا?? موڙ تي پهچي چڪي آهي . سڀ کان وڏ?? ايٽمي هٿيار رکندڙ ملڪ روس کي اسٽريٽجڪ شڪست ڏيڻ جا مطالبا اولهه سياستدانن طرفان خط??نا?? مهم جوئي کي ظاهر ڪن ٿا.
نئين آمريڪي صدر سان رابطو بحال ڪرڻ ۾ ڪا به رڪاوٽ ناهي: روس جو صدر
مضمون کا ماخذ : گرم گرم