ڀڪي (شيخوپوره) – 19 اپريل (اي پي پي) وزي??اع??م محمد نواز شريف پاڪستان کي اونداهين مان ڪڍڻ، ترقي ۽ خوشحالي جي منزل سان همڪنار ڪرڻ ۽ عالمي دنيا ۾ باعزت مقام ڏيارڻ جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته پاڪستان کي اونداهين ۾ ڌڪيندڙ ۽ لوڊشيڊنگ جا ذميوار اڄ احتجاج جون ڌمڪيون ڏئ?? رهيا آهن انهن جو پوکيل فصل اڄ اسان لُڻي رهيا آهيون. هن اها ڳالهه شيخوپوره ويجهو ايل اين جي سان هلندڙ 1180 ميگاواٽ جي ڀڪي پ??ور پلانٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪند?? چئي. تقريب ۾ پنجاب جي گورنر رفيق رجوانه، وڏي وزير شهباز شريف، پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن واري وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي، چيني سفير سن وي ڊونگ، سفارتڪارن، پارليامينٽ ميمبر ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان کان اڳ وزي??اع??م ڀڪي پ??ور پلانٽ جو افتتاح ڪيو. هن پلانٽ جي ڪنٽرول روم جو دورو جتي کيس هن ماحول دوست منصوبي جي سگهه بابت آگاهه ڪيو ويو.
پاڪستان کي دنيا ۾ باعزت مقام ڏيارڻ جو عزم ڪيو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔