اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان، ايران، چين، ترڪيءَ، روس ۽ افغانستان اهڙا پاڙيسري، دوست ۽ ڀ??ئر ملڪ آهن جن جي جاگر??في??ئي، گڏيل قدر ۽ خيال ۽ هڪ جهڙيون حالتون پنهنجي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جا وسيع موقعا فراهم ڪن ٿي??ن، ا??ان جي جاگر??في??ئي ويجهڙائپ تاريخ جي ڌارا بدلائڻ جي صلاحيت رکي ٿي، دهشتگردي هڪ اهڙو مسئلو آهي جنهن خطي جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ مسئلا پيدا ڪيان، پاڪستان ان کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي??دڙ ملڪ آهي، دهشتگردي جي لعنت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ا??ان جي هٿياربند فوج خصوصي تجربو ۽ مهارت رکي ٿي جنهن مان ا??ان جا پاڙيسري ملڪ به فائدو کڻي سگهن ٿا، ان سلسلي ۾ ا??ان پنهنجي سمورن دوستن کي مخلصاڻي تعاون جي آڇ ڪريون ٿا. 6 ملڪن جي پهرين اسپيڪرز ڪانفرنس کي خصوصي مهمان طور خطاب ڪندي صدر چيو ته خطي جي اهم ترين دوست ۽ ڀ??ئر ملڪن جي اسپيڪرز جي ميزباني منهنجي لاءِ خوشي جي ڳالهه آهي. آئون اسلام آباد جي خوبصورت فضائن ۾ دل جي گهرائي ??ان توهان سڀني جي آجيان ڪريان ٿو.
پاڪستان، ايران، چين، ترڪيءَ، روس ۽ افغانستان پاڙيسري، دوست ۽ ڀائر ملڪ: صدر
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز