اسلام آباد – 14 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي ميڊيا معاملن بابت خصوصي معاون افتخار دراني چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ڪفايت شعاري مهم تحت وزيراعظم آفيس جي مجموعي خرچن ۾ 147 ملين جي سالياني بچت ٿيندي، ڪفايت شعاري مهم ۾ بچت جي سموري رقم ٻارن ۾ غذائي کوٽ جي خاتمي ۽ صحت جي منصوبن تي خرچ ڪئي و??ندي. انفارميشن سروسز اڪيڊمي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم جي خصوصي معاون افتخار دراني چيو ته وزيراعظم عمران خان وزارت عظميٰ جو حلف کڻڻ کان فوري پوءِ ڪفايت شعاري مهم شروع ڪئي هئي جنهن جو ??ائ??و وفاق کانپوءِ صوبن تائين پهچي و??و.
مضمون کا ماخذ : سائٹس de loteria confiáveis