بوڪوس-26 ڊسمبر (اي پي پي) نائجيريا جي سينٽرل ع??ائ??ن ۾ ڪيترن ئي ڳوٺن تي هٿياربندن جي حملن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 160 ڄڻا مارجي ويا ۽ 300 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي خابرو اداري مطابق مقامي اختيارين ٻُڌايو آهي ته هٿياربندن نائجيريا جي مرڪزي ع??ائ??ي ۾ ڪيترن ئي ڳوٺن تي حمل?? ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 160 ڄڻا مارجي ويا آهن. پليٽيو اسٽيٽ جي گادي واري هنڌ بوڪوس ۾ مقامي حڪومت جي سربراهه پير ڪاسا 160 ڄڻن جي مارجڻ جي تصديق ڪئي آهي. هن ٻُڌايو ته هٿياربندن مختلف برادرين جي گهرن تي حمل?? ڪيا ۽ سندن گهرن کي باهيون ڏنيون. هن وڌيڪ ٻُڌايو ته حملن ۾ 300 کان وڌيڪ زخمي پڻ ٿيا آهن. واضح رهي ته ڄاڻايل ع??ائ??ن ۾ ترسيل مسلمان ۽ عيسائي آباديءَ ۾ نسلي ۽ مذهبي ??ڪر??ر هلي رهيا آهن.
مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔