ڊيووس – 19 جنوري (اي پي پي) سعودي عرب ?? سنگاپور جي انفارميشن ٽيڪنالوجي جي وزيرن ڊيووس اجلاس دوران ملاقات ڪئي آهي. اردو نيوز مطابق ٻنهي م??ڪن ان موقعي تي ٻه طرفا سهڪار ۽ دلچسپي جي م??ضوعن تي خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ڪئي ۽ ٻه طرفه سهڪار ۽ ترقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ گرمجوشي جو اظهار ڪيو آهي. سعودي عرب جي ڪميونيڪيشن اينڊ انفارميشن ٽيڪنالوجي بابت وزير عبدالله السواحه ?? سندس سنگاپور جي هم منصب جوزفين ٽيو ڊيجيٽل اڪانوم?? کان علاوه اڀرندڙ معيشت ٽيڪنالوجيز ۽ ڊيجيٽل گورنمنٽ جي شعبن ۾ ٻه طرفا اسٽريٽجڪ شراڪتداري کي وڌائڻ جي طريقن تي تفصيلي غور بعد شراڪتداري وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. سعودي وزير ان سلسلي ۾ ڊيجيٽل ترقي لاءِ قدمن کي همٿائڻ جي ڪوششن جي اهميت اجاگر ڪئي. ملاقات ۾ سعودي عرب ?? سنگاپور گڏيل ڪميٽي جي دائري ۾ ايندڙ معاملن تي خاص ڌيان ڏنو ويو.
مضمون کا ماخذ : loteria estadual