واشنگٽن_16 فيبروري(اي پي پي) آمريڪا دعوي ڪئي آهي ??ه ان ايران مان ايندڙ جديد روايتي هٿيارن ۽ امداد جي کيپ ضبط ڪئي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب وچ اوڀر ۾ آمريڪي س??نٽ??ل ڪمانڊ ايڪس تي جاري بيان ۾ چيو آهي ??ه اها کيپ 28 جنوري تي عربي سمنڊ ۾ ضبط ڪئي وئي هئي جنهن کي يمن ۾ حوثي?? جي ڪنٽرول وارن علائقن طرف منتقل ڪيو پئي ويو،سٽ ڪام هٿيارن جون تصويرون پوسٽ ڪندي لکيو آهي ??ه ان کيپ ۾ وچولي مفاصلي تائين مار ڪندڙ بليسٽڪ ميزائلن جا جز?? ۽ ٻيو فوجي سامان شامل هو،آمريڪي س??نٽ??ل ڪمانڊ جي ڪمانڊر ايرڪ ڪوريلا جي حوالي سان چيو آهي ??ه اهو خطي ۾ ايران جي بدنيتي تي مشتمل سرگرمين جو هڪ ٻيو مثال آهي،هن نشاندهي ڪئي ته ايران پاران حوثين کي جديد روايتي هٿيار?? جي فراهمي عالمي قانو?? جي سڌي ريت خلاف ورزي آهي ??ها صورتحال عالمي جهاز راني کي نقصان پهچائي رهي ??هي، واضع رهي ??ه غزه جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ احمر سمنڊ ۾ عالمي جهاز راني جي اچ وڃ ۾ رڪاوٽ آئي آهي ڇاڪاڻ ته حوثي گروپ واپاري سامونڊي جهازن کي نشانو بڻائي رهيا آهن.
حوثين لاءِ ويندڙ ايراني هٿيارن جي کيپ ضبط ڪئي وئي آهي: آمريڪي دعوي
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی لاٹری کی تاریخ