ميڪسيڪو سٽي _ 29 آگسٽ (اي پي پي) ميڪسيڪو جي صدر اندريس مانوئل لوپز اوبردور ملڪ جي اندر??ني معاملن ۾ مداخلت جي نتيجي ?? آمريڪا ۽ ڪينڊا جي سفيرن سا?? لاڳاپا معطل ڪري ڇڏيا. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ميڪسيڪو سٽي جي سرڪاري محل ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اوبرادور اعلان ڪيو ته آمريڪا ۽ ڪينيڊا جي سفيرن سا?? لاڳاپا في الحال معطل ڪيا ويا آهن ڇو ته انهن اسان جي عدالتي سڌارن تي تنقيد ڪئي هئي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هو ڪنهن به ملڪ جي اندر??ني معاملن ۾ دخل اندازي ناهي ڪندو. آمريڪي سفير ڪين سلازار س??ن اسان جا لاڳاپا سٺا آهن پر في الحال معطل آهن. کيس ميڪسيڪو جي خود مختياري جو احترام ڪرڻ جي ضرورت آهي جيتوڻيڪ اسان کيس اهو نه ٻڌائينداسين ته ڇا صحيح آهي يا ڇا غلط آهي. اس??ن ان ک??ن احترام جي توقع ضرور ڪريون ٿا. صدر اوبرادور چيو ته آمريڪا ۽ ڪينيڊا جي سفيرن سان معطل ٿيل لاڳاپن جو انهن جي مرڪزي حڪومتن سان ڪو تعلق ناهي، جيڪڏهن سفير ميڪسيڪو جي خودمختياري لاءِ ضروري احترام جو مظاهرو ڪندا ته لاڳاپا اڳ ۾ وانگر جاري رهندا.
ملڪي معاملن ۾ دخل اندازي، ميڪسيڪو آمريڪا ۽ ڪينڊا جي سفارتخانن سان لاڳاپا معطل ڪري ڇڏيا
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ کی تجزیات