ماسڪو – 4 ڊسمبر (اي پي پي) روس جي پرڏيهي و??ير سرگئي لاروف چيو آهي ته يوڪرين جو نيٽو ۾ شامل ٿيڻ ناقابل قبول آهي ۽ اسان ان جي هرگز اجازت نه ڏينداسين. پرڏيهي ميڊيا مطابق روس جي پرڏيهي و??ارت طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته سرگئي لاروف ماسڪو ۾ هنگري جي پرڏيهي و??ير ۽ واپار واري و??ير پيٽرسجارتو سان ملاقات ڪئي . ملاقات دوران روس ۽ هنگري وچ ۾ ??خت??ف شعبن ۾ لاڳاپن ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي. ميڊيا سان ڳالهائيندي سرگئي لاروف چيو ته هنگري جي انتظاميه پنهنجي مفادن مطابق هڪ آزاداڻي پاليسي تي عمل ڪري ر??ي آهي. سرگئي لاروف چيو ته يوڪرين جنگ بندي جي بنيادي سبب کي ختم ڪرڻ چاهي ٿو جنهن ۾ هڪ سبب نيٽو جي اوڀر طرف توسيع ڪندي يوڪرين کي پاڻ سان ملائڻ جي ڪوشش آهي. اهو روس جي سرحدن تي هڪ فوجي خطرو آهي. هن چيو ته يوڪرين ۾ جنگ نه ٿيڻ امن جو رستو ناهي. روس ۽ يوڪرين وچ ۾ ڳالهين جي بحالي جي امڪانن تي تبصرو ڪندي هن چيو ته اسان پنهنجي ملڪ جي جائز مفادن تي جامع غور ويچار مطابق يوڪرين سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون.
يوڪرين جو نيٽو ۾ شامل ٿيڻ ناقابل قبول آهي: روس جو پرڏيهي وزير
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے نتائج